فصيل آباد – 07 فيب??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي ن??شڪي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف و??هندي ملڪ تي قربان ٿيندڙ دلير سپوت ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد بل??ل خليل شهيد جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد جي والد ۽ ٻين عزيزن سان تعزيت ڪئي. فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن سان جنگ ڪندي شهيد ٿيندڙ قوم جي سپوتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته شهيد قوم جي مٿي جا موڙ آهن، اسان کي پنهنجي جوانن جي قربانين تي فخر آهي. مملڪتي وزير چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ بي مثال قرابنيون ڏنيون آهن. فرخ حبيب الله تعاليٰ کان شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي.