زائو شن/ شوڪت چانڊيو
بيجنگ 2022ع ۾ ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس گيمز جي ڊريسڊ ريهرسل جاري آهي. اها ريهرسل نيشنل اسٽيڊيم (برڊ نيسٽ) ۾ ٿي رهي آهي. چين جي گادي واري شهر کي ڪيترين ئي خوبصورت روشنين سان سجايو ويو آهي ۽ هن وقت بيجنگ جي ??وام ۾ ونٽر اولمپڪس جي ??والي سان وڏو جوش ۽ جذبو آهي. بيجنگ 2022ع ونٽر اولمپڪس جي مشهوري جي لاءِ تيار ڪيل نغمو ”ٽو گيدر فار اي شيئرڊ فيوچر“ جي ??نوان سان ريليز ڪيو ويو آهي. هي سيارو سڄي دنيا جي ??وام لاءِ هڪ خوشي، جذبي، اڳتي وڌڻ، همت ۽ حوصلي جو ثابت ٿيو آهي. دي اولمپڪ چارٽر اولمپڪ موومينٽ جو هڪ بنيادي جز آهي جيڪو ان ڳالهه کي هٿي وٺرائي ٿو ته اولمپڪس جو بنيادي مقصد راند جي ??ها جاءِ آهي جيڪا انسان ذات کي خوشي، ترقي وٺرائ?? جي لاءِ آهي جيڪا پرامن معاشرو پيدا ڪر?? جي لاءِ ۽ انساني عظمت کي وڌائ?? جي لاءِ ۽ اهو ئي اولمپڪ جو مکيه جذبو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انسانيت کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ سماجي ترقي ٿئي.
2021ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي (آئي او سي) چيو هو ته ميڙاڪو اولمپڪ جو هڪ اهم نعرو آهي جيڪو تيز عظيم، مضبوط ڳانڍاپي کي هٿي وٺرائ?? جي لاءِ آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ هڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو ۽ مسئلن جي ور چڙهيل دنيا ۾ انسانيت کي هٿي وٺرائ?? جي لاءِ سهڪار کي وڌائيندي. ڪوويڊ 19 اڃا تائين سڄي دنيا ۾ موجود آهي، جيڪو ماڻهن جي ??ان ۽ مال جي ??طرناڪ آهي. ڊائنامڪ زيرو ڪيس پاليسي موجب چين ان وبا جي ??اتمي لاءِ ۽ ماڻهن جي ??حت کي محفوظ بڻائ?? جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي، دٻاءُ ??ما?? گهڻو آهي پر ونٽر اولمپڪس جي ??والي سان بيجنگ ??ما?? وڏيون ۽ جامع تياريون ڪيون آهن. اولمپڪس جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري آهن ۽ ونٽر اولمپڪس بيجنگ جو سدائين خواب رهيو آهي. بيجنگ 2022ع ۾ ان حوالي سان ڪمٽيڊ آهي ته هو ايٿليٽس کي اعليٰ معيار جون سهولتون ۽ خدمتون فراهم ڪندو.
بيجنگ 2022ع ونٽر اولمپڪس جي لاءِ آئي او سي ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي چيئرمين جان انٽينيو سمرچ جونيئر چيو آهي ته اسان کي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس جي لاءِ تيارين جي ??والي سان خوشي ٿي رهي آهي ۽ ان حوالي سان 300 ملين چيني ماڻهن کي انگيج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بيجنگ 2022ع جي لاءِ ڪو به شڪ نه آهي ته انتظاميا اولمپڪ ايجنڊا 2020ع ۽ يونائيٽيڊ نيشن سسٽين ايبل گول جي لاءِ عمل پيرا آهي. ڪيترين ئي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ بيجنگ 2022ع جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. چيني عوام ان حوالي سان پراعتماد آهي ته اها هن ايونٽ کي سڄي دنيا جي لاءِ ڪامياب بڻائيندا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي دنيا جو ڌيان بيجنگ اولمپڪس تي هوندو ۽ بيجنگ ڊبل اولمپڪ سٽي بڻجي ويندو، جتي سڄي دنيا مان ايندڙ رانديگر پهچندا ۽ هڪ نئين اولمپڪس جي لاءِ تاريخ رقم ڪندا.