اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آيه ته سنڌ هائوس مخالف ڌر اسٽاڪ ايڪسچينج بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ هائوس جي وڊيو وزيرا??ظم عمران خا?? جي وڏي سپورٽ ثابت ٿيندي، شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي، سنڌ هائوس ۾ هارس ٽريڊنگ عروج تي آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادين کي چوان ٿو ته وزيرا??ظم سان اچن، ملڪ ۾ ڪنهن سياسي ٽڪراءُ جي گنجائش ناهي، چاهيون ٿا ته جلسن جا فيصلا افهام و تفهيم سان ٿين، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي چارئي ميچون لاهور منتقل ڪيون آهن، ناراض ايم اين اي کي چئي رهيو آهيان ته اهي واپس اچن کين ڪجهه نه چيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 23 مارچ تي پاڪستان جي عظيم فوج جي پريڊ آهي، 24 مارچ کان 3، 4 اپريل تائين پاڪستان جي سياست ۾ گهماگهمي جا ڏينهن آهن، سڀ پارٽيون پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنديون، ڪوبه اتحادي ڪنهن جي چوڻ تي ناهي، چاهيون ٿا ته جمهوريت کي کُلي ڇوٽ هجي. عوام آزاديءَ سان ووٽ وِجهي، 25 مارچ تي مخالف ڌر جڏهن ته 27 مارچ تي حڪومت جو جلسو ٿيندو، 27 تاريخ تي وزيرا??ظم جي ريلي ڀرپور انداز ۾ هوندي ۽ 27 مارچ تي وزيرا??ظم سڀ کان وڏي ريليءَ کي خطاب ڪندو. وزيرا??ظم 10 لک ماڻهن کي ڪال ڏني ??هي ۽ يقين ??هي ته مخالف ڌر جون جماعتون پڻ پنهنجو جلسو ڪنديون، اسان تي سيڪيورٽي جون ڪافي ذميداريون آهن، ملڪ جي سياسي صورتحال لاءِ اسان وٽ نفري بهتر آهي. شيخ رشيد چيو ته ميڊيا جو شڪريو جن اسان کي 10 يا 12 چهرا ڏيکاريا جيڪي سنڌ هائوس ۾ لِڪا ويٺا هئا، اهي ماڻهو ڇو لِڪي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جو گهرو وزير کين چئي رهيو ??هي ته ڪجهه به نه ٿيندو، اسان اوهان کي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين، اسان وٽ تمام اڳ اها اطلاع هئي، اسان جا 10-12 ماڻهو ڪٿي آهن، منحرف ميمبرن کي اپيل ڪريان ٿو ته واپس اچي وڃن، اوهان کي ري پينٽنگ ڪنداسين، اوهان کي ڪجهه به نه چيو ويندو. ائين نه ٿئي جو وقت گذري وڃي ۽ اوهان پنهنجي تڪن ۾ واپس نه وڃي سگهو، وڊيو ۾ جنهن جو چهرو نظر اچي رهيو ??هي عوام ان جو چهرو ڪارو نه ڪري، پي ٽي آءِ جا ماڻهو جيڪي 9 يا 12 آهن اهي پنهنجن گهرن کان پڻ پُڇن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۾ هڪ ئي ليڊر ??هي ان جو نالو عمران خا?? آهي، منهنجو تعلق ان جماعت سان نه صرف عمران خا?? سان ??هي ۽ شيخ رشيد وزيرا??ظم عمران خا?? سان چٽان وانگر بيٺل آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ ريفرنس کانپوءِ عدم اعتماد جي خبر ناهي ڪٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي، جمهوريت کي ڇانگا مانگا مري نه ٺاهيو. شيخ رشيد چيو ته جيڪو ڪجهه سنڌ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، مان ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو حامي هئس ۽ ان بابت سمري وزيرا??ظم کي پيش ڪئي پر فيصلو نه ٿي سگهيو. سنڌ هائوس ۾ خريد ۽ وِڪرو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ هائوس کي اسٽاڪ ايڪسچينج بڻايو ويو آهي، سنڌ هائوس جي وڊيوز وزيرا??ظم کي وڏي سپورٽ ڪندي. چور جا پير نه هوندا آهن، اراده قتل ڪرڻ وارو ۽ قتل ڪندڙ ٻئي مجرم هوندا آهن، اسان سنڌ هائوس نه پيا وڃون اسان چاهيون ٿا ته معاملو ا??هام و تفهيم سان حل ٿئي، جمهوريت هڪٻئي جي ڳالهه ٻُڌڻ جو نالو آهي. وزير داخلا طور يقين ڏياريان ٿو ته ڪنهن به شخص لاءِ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو نه هوندو، گهرو وزارت توهان کي يقين ڏياري ٿي ته اسان سنڌ هائوس ۾ داخل نه ٿينداسين پر اوهان هڪ حد تائين پوليس رکو، وفاقي وزير چيو ته آسٽريليا جي ٽيم جي 4 ميچن کي لاهور منتقل ڪيو آهي، 3000 هزار پوليس صرف آسٽريليا جي روٽس تي لڳائي وئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ا??م مان پوري اميد آه?? هو وزيرا??ظم سان گڏ بيهندي. پنجاب ۾ 2 پارٽيون پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ (ن) ليگ وٽ عدم اعتماد جا ووٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خا?? اسلاموفوبيا خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادين کي چوان ٿو ته وزيرا??ظم سان گڏ اچن، اسلام آباد عمران خا?? سرخرو ٿيندو.