اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائون??ل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ ??روع ٿي ويا. ترڪيءَ جو پريهي وزير ميولوت چاوش اولو اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ ??ي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائون??ل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائون??ل جو 48 هون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران ??ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائون??ل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سي??ن کي خطاب ڪندو.