اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ريڪوڊڪ سون ۽ ??ام?? جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وزيراعظم سان سينيٽ جي چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي ملاقات ڪئي، سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ سون ۽ ??ام?? جي کاڻ جي ترقي کانسواءِ تقريبن 11 بلين ڊ??لر جي ڏنڊ جي معافي لاءِ حڪومت جي بيرڪ گولڊ ڪمپني سان ڪامياب معاهدي تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، ان معاهدي تحت بيرڪ گولڊ بلوچستان ۾ 10 بلين ڊ??لر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن سان علائقي ۾ 8 هزار نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ريڪوڊڪ سون ۽ ??ام?? جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.