اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خ??مت?? تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خ??مت??ن سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال امتياز، ستاره پاڪستان، ستاره شجاعت، ستاره امتياز، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز، ستاره قائداعظم، تمغه شجاعت ۽ تمغه امتياز سان نوازيو ويو. نشان امتياز حاصل ڪند??ن ۾ م??مد نعيم، نذر م??مد راشد (ن م را??د مرحوم) ۽ مجيد امجد (عبدالمجيد مرحوم) شامل آهن. هلال امتياز حاصل ڪند??ن ۾ ڊاڪٽر انعام الرحمان، ڊاڪٽر قمر محبوب، طاهر اڪرام، روحيل حيات ۽ ڪشور ناهيد ش??مل آهن. تقريب ۾ ملائيشيا سان تعلق رکندڙ م??مد غازي عبدالحامد ۽ اومان سان تعلق رکندڙ شيخ ا??مد بن حماد الخليلي کي ستاره پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. ستاره شجاعت جو اعزاز حاصل ڪندڙن م??مد م??مد بخش ٻرڙو، ريشمان ٻرڙو ۽ برگيڊيئر شفيع الله خان شامل آهن. ڊاڪٽر سيد حسين امام عابدي، را??د رانا، سيد عقيل بلگرامي، محمود الحق علوي (مرحوم) ۽ سلمان اقبال کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو آهي. حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز حاصل ڪند??ن ۾ سيد تجمل حسين، پروفيسر ڊاڪٽر ياسر اياز، شڪيلا ناز ۽ عرفان الله جان شامل آهن. چوڌري خالد محمود (ناروي) کي ستاره قائداعظم جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. تمغه شجاعت حاصل ڪند??ن ۾ م??مد اڪبر خان، آنجهاني اقبال مسيح، عبدالغفار شيخ شهيد، ضياءَ حسين شهيد، تبسم شبير اعواڻ، عرفان ا??مد خان دراني، اسد الله قريشي، م??مد علي، ا??مد علي، صادق حسين، نورالدين، ملڪ دارا خان شهيد، م??مد رحيم شاهه، م??مد سعيد ش??هه، م??مد وليد صابر خان، وقار احمد، عبدالقهار خان، جميل ا??مد ڪلهوڙو ۽ عدنان ملڪ شامل آهن. تمغه امتياز حاصل ڪند??ن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر م??مد عابد، مومنه دريد قريشي ۽ اسد محمود ش??مل آهن. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ خاص معاونين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. مختلف شعبن ۾ نمايان خ??مت?? تي سول اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان تقريبون صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پن ٿيون، جن ۾ لاڳاپيل صوبن جي گورنرز صدر پاران اعزاز ڏنا.