اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ڏني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعلي??ي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪ??و ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيل?? ۾ ??چي رهيا آهن، تعليمي ادارن جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.