اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀا??ت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارداد ۾ ڀا??تي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، پارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لا??ِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀا??تي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، راجا پرويز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀا??ت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ياسين ملڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لا??ِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀا??رن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀا??ت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻايو ويو آهي، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ??ارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀا??ت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، نيسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لا??ِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀا??ت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.