اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي صلاحڪار انجنيئر امير م??ام چيو آهي ته 6 سيپٽمبر انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي جن ملڪ جي دفاع لاءِ پن??نجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نجي خصوصي پيغام ۾ انجنيئر امير م??ام چيو ته اچو وچن ڪريون ته اسان پن??نجي اتحاد جي ذريعي سمورن اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کي شڪست ڏيندسين جيئن اسان 1965ع ۾ ڪيو هو. وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن وا??ي صلاحڪار انجنيئر امير م??ام چيو ??ه پاڪ فوج ۽ پوري قومي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ملڪي دفاعي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي، پاڪ فوج هر محاذ تي بهادري جا شاندار مثال قائم ڪيا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته قوم کي ه?? ڀيرو ٻيهر قومي اتحاد ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه پاڪ فوج 1965ع ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏنيون.