اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني ملڪ جي خلاف چار سال سازش ڪئي ۽ هاڻي ادارن کي ڪمزو?? ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، چونڊيل حڪومت جي 176 ووٽن جي عوامي ريفرنڊم عمران خان کي پارليامينٽ ۽ حڪومت کان ٻاهر ا??لايو. پي ٽي آءِ جي اڳ??اڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ هن چيو ته عوام فارن فنڊيڊ سازشي ٽولي کان آزادي چاهي ٿي، چار سال فارن فنڊيڊ فتني جا پير عوام جي نڙيءَ تي رهيا ۽ جيئڻ مشڪل ٿي ويو هو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو ۽ جٿو ملڪي سالميت جي لاءِ خطرو آهي.