اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي آجيان ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو ??اڪ??تان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جن??ن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ ??اڪ??تان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين ??اڪ??تان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو ??اڪ??تان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جن?? ڏئي رهيون آهن. هن ??اڪ??تان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي ??اڪ??تان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو ??اڪ??تان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ ??اڪ??تان کي ڊگهي، وچولي ۽ ??هٽ مدي جي منصوبن تي فني معاو??ت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل ??اڪ??تاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.