اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصو??ن جي لاءِ وڏي رقم گهربل آهي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي جي ??ثرن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، اسان رڳو موسمياتي انصاف گهري رهيا آهيون، تلافي جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ پنهنجي ??هائشگاهه تي ”فنانشل ٽائيمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي رهيا آهيون پر اضافي فنڊز گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جا مطالبا ۽ ج??ڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو ڏي??هون ڏي??هن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان گهري سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻجي ٿو ۽ اسان پنهنجي ??نيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آهي ته ڳنڀير مسئلن جو سبب بڻجي ??گهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي ??طري جي لحاظ کان نه چئي رهيو آهيان پر ان جو حقيقي امڪان موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسان ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اضافي فنڊز حاصل ڪندو، اسان موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي ??لاف جنگ ۾ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان نه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32