اسلام آباد ?? 24 ??? آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي فورم جي ذريعي سڄي ??نيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي بنيادي سببن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته او آءِ سي ??سلمان امت جو گڏيل آواز آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار او آءِ سي جده ۾ پاڪس??ان جي نامزد سفير/ مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته او آءِ سي سڄي ??نيا ۾ مسلمان اقليتن جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف وڌندڙ تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هندوستاني هندوتوا نظرييي جي سڄي ??نيا ۾ حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته او آءِ سي جي سمورن ڀائر مسلمان ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت اڳڀرائي ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. صدر معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي تشدد ۽ غيرقانوني قدمن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن. هن چيو ته جيستائين فلسطين مسئلو حل نه ٿو ٿئي وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪس??ان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي او آءِ سي ??لڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنيڪي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز جي ذريعي ميمبر ملڪن کي آن لائين تعليم ۽ آءِ ٽي جون مهارتون پيش ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اٽڪل 8000 غيرملڪي شاگردن وچوئل يونيورسٽي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن سان وڌيڪ تعاون سان ان انگ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر نامزد سفير کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.