پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان چي?? آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت زبردستي ڪشمير جو اسٽيٽس تبديل ڪري غيرمنصفاڻي ۽ بزدلاڻي فعل جو ثبوت ڏنو، اهو عمل ڀارت جي خطي ۾ امن جي خرابي لاءِ ناپاڪ ڏوهن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان ڪشمير ا??تحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هنن چي?? ته ڪنهن به صورت ۾ ڀارت کي ڪڌن ارادم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 5 آگسٽ جي ڪاري ڏينهن کي پاڪستاني عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير ا??تحصال ڏهاڙي طور ملهائي رهي آهي. هن چي?? ته چيئرمين عمران خان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو، ڪشمير پاڪستان جي شهه ر?? آهي ۽ پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو.