اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ ۽ ماڻهو نظر نه پيا اچن، اقتدار جي حوس جي پٽيءَ اکين تي ٻڌل آهي، عمران خان جو حقيقي مسئلو ذاتي انا، تڪبر، خودپسندي، اقتدار جي حوس ۽ ڪرپشن آهي، عمران خان توهان جي جيتري حيثيت آهي ايتري ڳالهه ڪريو، ”ڪئي وڃي“ ۽ ڪيو وڃي“ جو وقت ختم، عمران صاحب اڳ ۾ فيصلو ڪريو توهان جو مسئلو آهي ڇا؟ ٻاهرئين سازش؟ حقيقي آزادي؟ اليڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او؟ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان حقيقي آزادي نه پر پنهنجي حقيقي ڪرپشن تي اين آر او چاهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سازش نه پر پنهنجي فارن فنڊنگ جي حقيقي سازش تي اين آر او چاهي ٿو، عمران خان جو مقصد ڪا اليڪشن نه آهي پر پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي، عمران خان ڌو??نس ۽ ڌمڪي گار سان اين آر او گهر?? رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي لاءِ اين آر او گهر?? رهيو آهي، عمران خان بيمار، شڪست کاڌل ذهنيت جو مالڪ ۽ ڪرپٽ انسان آهي، عمران خان ڪوڙو، انا پرست ۽ خودغرض ٻهروپيو آهي، عمران خان فارن فنڊنگ ?? اين آر او گهر?? رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪمشنر آخر ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ئي ته ٻڌايو آهي، عمران صاحب توهان اليڪشن ڪمشنر کان ڪهڙي شيءَ جي گارنٽي ورتي هئي؟ عمران خان فارن فنڊنگ ?? اليڪشن ڪمشنر کان اين آر او گهر?? رهيو هو، عمران صاحب اليڪشن ڪمشنر تي توهان جي ڪاوڙ آهي ڇو؟ عمران صاحب توهان کي اليڪشن ڪمشنر جي ڪهڙي، ڪنهن ۽ ڇو گارنٽي ڏني هئي؟ هن چيو ته عمران خان ??مر??ڪا جي خلاف بيان بازي ڪري ٿو ۽ ??مر??ڪي فرم سان ??مر??ڪا ۾ لابنگ ?? برانڊنگ ڪرائي ٿو، لڪي لڪي ملاقاتون ڪري ٿو.