اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ??ميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آر??ي اسٽاف جنرل عاصم منير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، سينيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ??ميٽي ۽ چيف آف آر??ي اسٽاف ??ي ملڪ جي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. جنرل شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفنٽري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ايم ايس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪورس ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪ??ري??ر دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اسٽاف مقررين ۾ ٻه انفنٽري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، سير اليون ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز، وائيس چيف آف جنرل اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ جنرل ۽ جنرل هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف جنرل اسٽاف شامل آهن. اهڙي طرح جنرل سيد عاصم منير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين او ٽي ايس ڪورس جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوئيٽا، ملائيشن آر??ڊ فورس ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوالالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪ??ري??ر دوران جنرل عاصم منير مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اسٽاف مقررين ۾ انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف جنرل اسٽاف سيڪريٽريٽ ۾ جنرل اسٽاف آفيسر گريڊ ٻه، ڊائريڪٽنگ اسٽاف ??مانڊ اينڊ اسٽاف ??اليج ڪوئيٽا ۽ چيف آف اسٽاف آف اسٽرائيڪ ڪور شامل آهن. جنرل عاصم منير 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ انفينٽري برگيڊ، فورس ڪمانڊ ناردرن ا??ري??ز ۽ 30 ڪور جي ڪمانڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري انٽيليجنس ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آر??ي اسٽاف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آر??ي جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو، جنرل عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آر??ي اسٽاف مقرر ڪيو ويو.