اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هڪ طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿ?? رهيو آهي جڏهن ??ه ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ جا منصوبو بڻايا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم ڏس?? رهي آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چيو ته مولانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.