اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضرو??ي شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش ??سئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.