اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر سردار سڪ??در حيات خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سردار سڪ??در حيات خان وزيراعظم عمران خان کي سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.