اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ش??با?? شريف ۽ حمزه ش??با?? اومني گروپ جا اڪائونٽ ڊائريڪٽ ??پر??ٽ ڪيا، صرف هڪ فيڪٽري 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ميڊيا پاڻ ان جي خلاف ڪيسن جو جائزو وٺي ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻ??، وزيراعظم عمران خان، خواجه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ گواهه جي حيثيت سان ??يش ٿيو، 2012ع ۾ خواجه آصف شوڪت خانم اسپتال جي چيئرٽي تي الزام لڳايا هئا، سدائين وانگر خواجه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو، هنن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان ??وقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ خصوصي مددگار ش??با?? گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گواهه جي حيثيت سان خواجه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ پيش ٿيو آهي، قانون واري وزارت اسلام آباد ۾ جيڪو نئون نظام جوڙيو آهي ان تحت گواهه وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي ڪيسن ۾ پيش ٿي سگهن ٿا، ان جو عملي طور تي آغاز ٿي ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته خواجه آصف 2012ع ۾ الزام لاڳو ڪيو هو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ چيرٽي جا پئسا غط استعمال ٿيا، 2012ع جي ڪيس جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو، هن چيو ته شوڪت خانم اسپتال 70 ارب روپيا هر سال غريب ماڻهن جي علاج تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي طرح جا الزام لڳايا ويندا ته پاڪستان ۾ چيرٽي جو ڪم ڪير ڪندو؟ وفاقي وزير چيو ته اميد آهي ته ان ڪيس جو جلد فيصلو ٿيندو، سدائين وانگر خواجه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو. هن زندگي ۾ ڪڏهن به سچ ناهي ڳالهايو، وفاقي وزير چيو ته پنجاب ڪميٽي جي اجلاس ۾ خانيوال اليڪ??ن جي حوالي سان ??عاملو بحث هيٺ آيو، وزيراعطم خانيوال اليڪشن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته اليڪشن ۾ خاميون کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هارس ٽريڊنگ جو خاتمو ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ڪميتي جي اجلاس ۾ بلدياتي چونڊن تي به تفصيل سان ڳالهه ٿي، پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ ميئرز لاءِ اميدوارن کي فائنل ڪرڻ جي باري ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا هر جمعي تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪندي، اسپوڪس پرسنز جي ميٽنگ جي حوالي سان ??فاقي وزير ٻڌايو ته توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر گئس جي معاملي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني، هن چيو ته سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي 2300 انڊسٽريل يونٽس مان 1800 انڊسٽريل يونٽس کي گئس جي سپلائي مڪمل طور تي جاري آهي، حڪومت جي لاءِ 2100 کان 2300 روپين ۾ گئس خريد ڪري 600 کان 700 روپين ۾ ڏيڻ ممڪن نه آهي، هن چيو ته ڪيپسٽو پلانٽس کي گئس ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته مقامي صارفين لاءِ گئس مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي، چوڌري فواد حسين چيو ته توانائي واري وزارت جو موقف آهي ته ڪيپسٽو پلانٽس غير فعال آهن، وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ درست نه آهي ڇو ته اهي پلانٽس گئس مان بجلي ٺاهي رهيا آهن، بجلي پهرين وڌيڪ آهي ان تي رعايتي اگهه هلي رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ گئس جو مسئلو وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ 50 ٽاپ ايڪسپورٽرز کي گئس ڏني پئي وڃي، ڪراچي ۾ ڊوميسٽڪ نيٽ ورڪ جي ڪري مسئلو وڌيڪ شديد آهي. هن چيو ته پاڪستان ?? گئس جي ذخيرن ۾ گذريل سال 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ هن سال وري 9 سيڪڙو گهٽ ٿي، اسان ??نهنجي ڪيرج صلاحيت موجب گئس گهرائي، مهانگي ايل اين جي درآمد ڪري ڊوميسٽڪ استعمال ۾ نٿي ڏئي سگهجي، چوڌري فواد حسين چيو ته گهرو معاملن ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ش??با?? شريف جي معاملي تي اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، ش??با?? شريف ۽ حمزه ش??با?? جي خلاف مني لانڊرنگ جا ڪيسز هڪ سال پهرين سامهون آيا هئا، ش??با?? شريف ۽ حمزه ش??با?? اومني گروپ جي اڪائونٽس زرداري گروپ وانگر ??پر??ٽ ڪيا، زرداري گروپ اهي اڪائونٽ ڊائريڪٽ ??پر??ش نه ڪيا هئا پر ش??با?? شريف ۽ حمزه شريف ڊائريڪٽ ??پر??ٽ ڪيا، هن ٻڌايو ته 18 ماڻهن جي 17 هزار ٽرانزيڪشنز کي چيڪ ڪيو ويو، 16 ارب روپيا صرف هڪ فيڪٽري ش??با?? شريف اينڊ فميلي جي مني لانڊرنگ ڪئي، هن چيو ته ش??با?? شريف ڪيس ۾ اهو ٽپ آف دي آئس برگ آهي، هن چيو ته ميڊيا پاڻ ش??با?? شريف ۽ حمزه ش??با?? شريف جي ڪيسن جو موازنو ڪري ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻ??، هن چيو ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي ته نواز شريف کانپوءِ ش??با?? شريف به سزا کان ??طئي طور تي بچي نٿو سگهي، صرف هڪ ئي چانس آهي ته ٻڌڻي نه ٿئي جنهن جي لاءِ اهي پوري ڪوشش ڪندا.