پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش منزل بڻجي چڪو آهي: وزيراعظم

image
APP63-25 ISLAMABAD: February 25 - A delegation of foreign investors led by Mathew Vogel, Head of Strategist FIM Partners called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري جي لاءِ مڪمل تعاون ۽ سهولتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪاروبار ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل بڻجي چڪو آهي جنهن جي پذيرائي عالمي سيڙپڪار ڪميونٽي ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسٽريٽجسٽ ايف آءِ ايم پارٽنرز جي سربراهه، ميٿيو ووگي جي قيادت ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال