انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو دائري ڪار بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي: صدر

image
APP27-16 ISLAMABAD: July 16 - President Dr. Arif Alvi being briefed by the Vice-Chancellor of Institute of Space Technology at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو دائري ڪار بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي، صدر عارف علوي کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ميجر جنرل ريحان عبدالباقي، سپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل عامر نديم، ايس پي ڊي جي ڊائريڪٽر برگيڊيئر عبدالرحمان عارف شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش