دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاڪ??تا?? قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دوحه ۾ ديوان اميري ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي وزيرن ۽ سينيئر ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ هو. ديوانِ اميري پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال قطر جي امير ڪيو. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي مشا??رت ڪئي، جنهن کانپوءِ امير پاران وزيراعظم ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. پنهنجي وسيع مشا??رت دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن پاڪ??تا?? قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وڌيڪ اهو ته زراعت، خوراڪ، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ پاڪ??تا?? ۾ قابل تجدي?? توانائي، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ قطر جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو ويو. قطر ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ پاڪ??تا??ين کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ دفاع، ايوي ايشن ۽ ميري ٽائيم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قطر جي شاندار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم قطري قيادت جي بصيرت کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ قطري عوام جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابين جي خواهش جو اظهار ڪيو. ايل اين جي تعاون جي شعبي ۾ قطر سان پاڪ??تا?? جي ڊگهي مدي واري حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪ??تا?? جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ قطر جي اهم تعاون تي امير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين توانائي جي شعبي ۾ گڏيل فائديمند تعاون جي لاءِ نيون راهون پڻ ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته قطر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ رهندڙ پاڪ??تا??ي نه رڳو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ سگهه جو سبب آهن پر عوام سان عوام جي رابطي جي اهميت جو پڻ ثبوت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي مستقبل ۾ پاڪ??تا??ين جي لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي. وزيراعظم قطر جي حڪومت پاران فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني جي لاءِ ڪيل وسيع انتظامن کي ساراهيو. هن قطري قيادت کي ميگا ايونٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم ۽ امير خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم افغان??تا?? ۾ امن ۽ مفاهمت جي فروغ جي لاءِ قطر جي پراڻي ۽ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن افغان عوام کي درپيش سنگين انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. خطر جي امير وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس مڪمل ڪاميابي جي خواهش ڪئي. هن پاڪ??تا?? جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. امير قطر جي وزيراعظم کي پاڪ??تا?? سان مضبوط اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي پاڪ??تا?? ۾ مختلف واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ 3 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جي تياري تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي امير قطر جي ترقي ۾ پاڪ??تا??ين جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ قطر ويزن 2030ع موجب پاڪ??تا??ين جي لاءِ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي قطر جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۾ موجوده رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد کان جلد پاڪ??تا?? جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪ??تا?? ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا، ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهي. اپريل 2022ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي قطر جو پهريون دورو آهي.