اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مستونگ ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام ج?? اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ج?? اڳواڻ تي ح??لو هڪ بزدلاڻو فعل آه?? جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آه??. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.